تربيتي پروگرام پيشيورانه مهارت وڌائڻ ۽ جديد تقاضن مطابق عوام کی خدمتن جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيندا، ناصر شاھ

0
178
Nasir shah

ڪراچي(15 جنوري 2021: صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته تربيتي پروگرام آفيسرن جي پيشيورانه مهارت وڌائڻ ۽ جديد تقاضن مطابق عوام کی خدمتن جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، پر اهو تربيت وٺندڙ  تي آهي ته اهي ان مان ڪيتري ڄاڻ حاصل ڪن ٿا ۽ ان جو استعمال  فرضن جي ادائگي ۾ ڪيترو ٿا ڪن، اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ تربيتي پروگرام جي پڃاڻي واري سيشن ۾ خاص مھمان طور خطاب ڪندي چئي۔

پاڻي، صفائي، حفظان صحت- پاليسون، نظام ۽ خدمتن جي فراهمي جي موضوع تي ٽن ڏينهن جي تربيتي ورڪشاپ  واٽر ايڊ پاڪستان سنڌ جي مڪاني کاتي جي سھڪار سان ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ سول سروسز ۽ لوڪل گورنمينٽ اڪيڊمي ٽنڊو ڄام،لوڪل گورنمينٽ اينڊ هائوس ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽ، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (ڪي ڊبليو اينڊ ايس بي)، واٽر اينڊ سينينٽيشن اٿارٽي( واسا) حيدرآباد ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته هو ٻه دفعا ضلع ناظم جي حيثيت ۾ گھڻن ئي تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪري چڪا آهن، هن اميد جو اظهار ڪيو ته  آفيسر ھن تربيت مان ورتل ڄاڻ جو استعمال ڪري هيٺين سطح تي پنهنجن شعبن ۾ خدمتن جي فراهمي جي سلسلي ۾ بهتري آڻيندا ۽ پنهنجي تجربي کي اڳتي وڌائيندي ۽ ٻين تائين پهچائيندا، صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته واش سيڪٽر ۾ واٽر ايڊ پاڪستان بھترين ڪم ڪري رھي آھي، کين پنهنجي ڀرپور سھڪار جي خاطري ڪرايان ٿو۔

ان موقعي تي واٽر ايڊ پروگرام هيڊ منور حسن چيو ته واٽر ايڊ پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ واسطيدار اسٽيڪ هولڊرز ۽ سرڪاري ادارن سان سھڪار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، هن چيوته پاڻي ۽ صفائي سٿرائي پاڪستان جي بين الاقوامي انساني حقن جي واعدن ۽ ايس ڊي جي مقصدن جو هڪ اهم حصو آهي. تربيت جي پڃاڻي تي  وزير بلديات ۽ اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه شريڪ ٿيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورھايا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here