موهن جو دڙو ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب پاڻي جو بندن تي دٻاء برقرار

0
195

موهن جو دڙو
رپورٽ سمير سومرو

موهن جو دڙو ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب پاڻي جو بندن تي دٻاء برقرار آهي ٻلهڙيجي، حسن واهڻ، نور شاه ۽ هڪڙا بچاء بندن جي حالت ڪمزور آهي انتظاميا بند مظبوط ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن آبادگارن ۽ هارين پاران فصل بچائڻ جا جتن جاري آهن جڏهن ته بندن جي مرمت نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ سنڌو درياء ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ٿيڻ سبب ٻلهڙيجي، هڪڙا، حسن واهڻ ۽ درگاه نور شاھ بچاء بندن تي پاڻي ڪپرن کان اٿلڻ لڳو آهي۔

ٻلهڙيجي پتڻ وٽان ڳوٺاڻن درياهي پاڻي کي اٿلڻ کان روڪڻ لاءِ ٽريڪٽرن جي مدد سان زمينداري بند ٻڌڻ شروع ڪري ڏنا آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته درياهي پاڻي ڪپرن کان اٿليو ته سندن لکين رپين جا پوکيل ترن سميت ٻيا فصل ٻڏي ويندا۔ ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي جي ڳوٺاڻن منير احمد ماڇي راحب علي، جاويد حسين پيرزادو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته ٻلهڙيجي پتڻ وٽان سنڌو درياء ۾ اٽڪل ڏيڍ فوٽ تائين چاڙھ ٿيو آھي، جنهن ڪري هنن کي خوف ورائي ويو آهي ته جيڪڏهن امڪاني طور تي پاڻي ۾ واڌ ٿيڻ تي زمينداري بند ٽٽي پيو ته سندن لکين رپين جا پوکيل فصل ٻڏي ويندا۔

هنن چيو ته هو پنهنجي مدد پاڻ تحت درياه جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ زمينداري بند جوڙائي فصل بچائي رهيا آهن۔ ڳوٺاڻن چيو ته بچاء بند به ڪمزور آهن، جيڪڏهن زمينداري بند ٽٽي پيو ته سوين ايڪڙ زمين ۾ پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويندو جنهن سان لکن ڪروڙن جو نقصان ٿيندو۔ جڏهن ته بچاءُ بندن تي به دٻاءُ وڌي ويندو، احتجاج ڪندڙن آبپاشي کاتي تي الزام هنيو ته بچاءُ بندن جي حالت اڳ ئي خراب آهي، ويتر ٻلهڙيجي ۽ ٻين بچاء بند تي مرمتي ڪم ئي نه ڪرايو ويو آهي۔ جنهن ڪري بچاء بندن کي امڪاني طور خطرو ٿي سگهي ٿو. هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته بندن جي مرمت ڪري امڪاني نقصان کان بچايو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here