ڊرگھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل ڪرٽيو ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 30 سالن جو نوجوان قتل

0
138

قاضي نياز حسين

قمبر: ڊرگھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل ڪرٽيو ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 30 سالن جو نوجوان شاھ بخش ولد گل محمد بروهي قتل، تفصيل موجب قمبر جي ڊرگھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل ڪرٽيو ڀرسان رود سان ويندڙ خان جي ڳوٺ جو رهواسي پورهيت شاھ بخش بروهي کي نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، رستي ويندڙن ڏسي حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو، جيڪا جاءِ واردات واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي قمبر جي تعلقہ اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين ڪو بہ جوابدار گرفتار ٿي نہ سگهيو هو ۽ ڻہ وري قتل ڪيس داخل ڪيو ويو۔

سندس چاچي خادم حسين بروهي جو چوڻ آهي تہ منهنجو ڀائٽيو هڪ مسڪين آهي پورهيو ڪري پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندو هو ظالمن منهنجي ڀائٽي کي بي گناھ قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي، مقتول جي جيب مان هڪ ڪيش، سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ هڪ موبائيل فون ملي آهي، پوليس۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here