ملڪ جي 284 دانشورن، اديبن ۽ صحافين امر جليل جي حمايت ڪري ڇڏي

1
469
amar-jaleel

ھيٺ صحيح پائيندڙ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جا دانشور، استاد، وڪيل، ڊاڪٽر، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن، اديب، شاعر، شاگرد ۽ صحافي سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف ، آئين ۽ جمھوريت کي درپيش خطرن ۽ خطرناڪ چئلينجن کي گھري ڳڻتيءَ سان ڏسي ۽ مشاھدو ڪري رھيا آھن. سنڌ ۾ ھٿ وٺي بدامني ڦھلائڻ، سماجي تفرقو وڌائڻ ۽ ان سان سنڌ توڙي پاڪستان جي رواداري ۽ وجود کي خطري ۾ وجھي ھن خطي ۾ دھشتگرديءَ جا نوان باب کولڻ جھڙي سازش کي انتھائي ڳڻتيءَ جي نگاھ سان ڏسون ٿا۔

 اسان اميد ڪريون ٿا تہ پاڪستان ٺھڻ ۾ سنڌ جي اھم ترين ڪاوشن جو صلو سنڌي ماڻھن جي تباھيءَ جي صورت ۾ ڏيڻ جي سازش کي رڳو ٻنجو ئي نہ ڏنو ويندو پر قانونن، انصافن ۽ آئين جي سمورن قاتل ۽ رھزن ٽولن جي پاسداري ڪرڻ بہ بند ڪئي ويندي۔

اسان ھيٺ صحيح ڪندڙ ھن وقت سنڌ توڙي پاڪستان کي ھڪ خطرناڪ ڄار ۾ ڦاسندي ۽ ڦٿڪندي محسوس ڪريون ٿا، اھو محسوس ڪيو پيو وڃي تہ، مختلف شدت پسند  ۽ دھشت ڦھلائيندڙ گروھن کي ملڪ جي تباھيءَ لاءِ ڇوٽ ڇڏيو ويو آھي تہ اھي ڪنھن بہ علائقي توڙي اتي جي رھندڙ عوام ۽ انھن ۾ خاص طور ساڃھ وندن کي نشانو بڻائي، سول سوساٽيءَ کي پيغام ڏنو پيو وڃي تہ ھن ملڪ ۾ نہ رڳو سندن لاءِ جاءِ ڪانھي پر انصاف ۽ قانون جا دروازا پڻ انھن لاءِ بند آھن۔

انھن سازشن جي پسمنظر ۾ سنڌ جي انتھائي لائق فرزند، شاندار ليکڪ، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جي بي بھا دانشور جناب امر جليل خلاف ھٿراڌي پروپئگنڊا ڪرائي سڄي سنڌ کي ٻڌايو پيو وڃي تہ قانون، آئين ۽ انصاف جا سمورا ادارا ۽ ايوان ھتان جي ماڻھن لاءِ ناھن۔ ان ڪري جيڪي بہ ملڪ ۾ نفرتون ڦھلائين ٿا انھن کي اجازتون ۽ چاٻيون ڏيئي قانون ۽ انصاف جا سمورا تالا کولڻ ۽ بند ڪرڻ انھن جي وس ۾ ڪيو ويو آھي، تہ جيئن امن کي تباه ڪري خوف جي حڪمراني ۽ فضا پيدا ڪري سگھجي۔

اسان سڀ ھيٺ صحيح ڪندڙ  حڪومت پاڪستان، سنڌ حڪومت، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ ھاءِ ڪورٽ، قانون جي وفاقي ۽ صوبائي وزارتن،  مذھبي رواداري واري وزارت ۽ انساني حقن جي وزارت سميت سڀني لاڳاپيل ڌرين ۽ ادارن خاص طور تي دھشتگردي ٽوڙ قومي ادارو (NACTA)کان مطالبو ڪريو ٿا ته اسان جي مطالبن تي غور ڪري بنا دير ھيٺيان قدم کنيا وڃن۔

انھن فردن ۽ گروھن تي دھشتگردي ائڪٽ ھيٺ ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ انھن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي،  جن عمرڪوٽ ۾ نامياري دانشور امرجليل جي سر جي قيمت Head Money مقرر ڪري عوام کي مشتعل ۽ ورھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي۔

پاڪستان جي آئين  جي شقن 9، 11، 14 ۽ 19  ۾ طئي ٿيل فرضن موجب ھر شھري جي جان ، نالي ۽ ناموس جي حفاظت رياست جي ذميداري آھي، سنڌ توڙي ملڪ جي ھڪ لائق فرزند امرجليل جي زندگي، عزت توڙي ان جي ساک کي ڇيھو رسائيندڙ تقرير ۽ تحرير جيڪا عام مظاھرن توڙي سوشل ميڊيا تي استعمال ٿي رھي آھي ان جو سدباب ڪندي سندس جاني، مالي ۽  ساک جي تحفظ جي ضمانت  ڏني وڃي۔

سائبر ڪرائيم ائڪٽ ھيٺ انھن فردن ۽ گروھن جي نشاندھي ڪرڻ جن 2017ع جي ھڪ وڊيو کي پنھنجي مقصدن خاطر گھڙي، ٺاھي، ايڊٽ ڪري سوشل ميڊيا ۾ لاٿو۔ نيشنل ايڪشن پلان تحت دھشتگردي ٽوڙ قانونن ۽ ائڪٽن جي ڏنل نڪتن نمبر  5، 9، 11، ۽ 14 موجب اھڙين سڀني ڌرين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي جيڪي سنڌ م دھشتگردي توڙي ان جي واڌ لاءِ نفرت جي فضا ھموار ڪري رھيون آھن۔

اسين سمجهون ٿا مٿي گذارش ڪيل متن تي بنا دير عمل ڪري سنڌ توڙي سڄي ملڪ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ، ڦهلائيندڙ توڙي سول سوسائٽي جي باري ۾ غيرانساني، غيراخلاقي رويا رکندڙن کي بنا دير لغام ڏيئي جناب امر جليل سميت سمورن ساکائتن ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جي رياستي ذميداري تي عمل ڪيو وڃي۔

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here