متحده عرب امارات پاڪستان کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
56

متحده عرب امارات پاڪستان کي ڏنل 2 ارب ڊالرن جي قرض کي ملتوي ڪندي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي ڀائراڻه لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه گڏيل دلچسپي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.


متحده عرب امارات جي صدر وزيراعظم شهباز شريف جي ابوظهبي پهچڻ تي آجيان ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات پاران گهرائڻ تي شيخ محمد بن زيد النهيان جو ٿورو ادا ڪيو.


ملاقات دوران متحده عرب امارات جي صدر 2 ارب ڊالرن جا قرض ملتوي ڪري ڇڏيا ۽ 1 ارب ڊالر وڌيڪ قرض ڏيڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here