قمبر ۾ قومي عوامي تحريڪ مرڪز جي سڏ تي پلي ڪارڊ جهنڊا کڻي احتجاج، سخت نعريبازي

0
144

رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر ۾ قومي عوامي تحريڪ مرڪز جي سڏ تي ضلعو قمبر شهدادڪوٽ پاران ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ اڪبر خاصخيلي،معشوق مرکنڊ،عبدالحفيظ تنيو،ظهور ڪلهوڙو، ڪاشف گاڏهي، ضمير سيال، محمد پناهه تنيو اشفاق گاڏهي ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ جهنڊا کڻي سئنيما چونڪ کان ريلي ڪڍي شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھيندي اڳواڻن چيو ته بحريه ٽائون سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي جيڪو سنڌي قوم ڪڏهن به قبول نه ڪندا، هنن وڌيڪ چيو ته اياز لطيف پليجو سميت سڀني اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري سنڌ مان پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here