قومي يڪجهتي مشاعرو، سنڌي، اردو، پنجابي، سرائيڪي ٻولين جي شاعرن پاران شاعري پيش

0
246

سنڌي، اردو، پنجابي، سرائيڪي ٻولين جي شاعرن شاعري پيش ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي

ڏوڪري ۾ قومي يڪجهتي مشاعرو ٿيو سنڌي، اردو، پنجابي، سرائيڪي ٻولين جي شاعرن شاعري پيش ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي، ۽ شاعري ذريعي امن محبتن پيار ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏنو ان ڏس ۾ ڏوڪري جي سومرا سفاري پارڪ ۾ انجنيئر فهيم سومري جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيل قومي يڪجهتي مشاعري ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، رحيم يار خان، تونسہ شريف، ، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن کان آيل شاعرن شرڪت ڪئي۔

مشاعري جي صدارت نامياري شاعر قمر وارثي ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر آفتاب، اجمل سراج، خالد معين، انور ڏنگڙائي، سعيد آغا،قمر وارثي، عتيق رحمان، ياسر منگي، ڪامران نفيس، مرزا عاصي، نثار احمد نثار، سعيد طاهر،شاهده عروج، رضوانه سعيد، سعيد ناصر، خالد معين، خالد حسين شاهده عروج، گل افشان، نسيم نازش عذير توانا، شبير احمد موج اقبال خاور ۽ ٻين شاعرن شاعري پيش ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي . مشاعري جي ڪارروائي اقبال خاور هلائي جڏهن ته مقامي ۽ ٻين علائقن کان آيل عام ماڻهن شاعرن کي ڀرپور داد ڏنو۔

ان موقعي تي مشاعري جي آرگنائيزر ڊاڪٽر شبير حسين آرائين ۽ فهيم سومرو ڳالهائيندي چيو ته قومي يڪجهتي جي عنوان هيٺ ڪرايل مشاعري جو مقصد امن ايڪي اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ ۽ سماج ۾ صحتمند سرگرمين کي فروغ ڏيڻ آهي جيئن بهتر سماج جي اڏوات ٿي سگهي. هنن جو چوڻ هو ته مشاعري ۾ ملڪ جي مختلف شهرن کان آيل شاعرن مختلف ٻولين ۾ شاعري پڙهي قومي ٻڌيءَ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ هي مشاعرو ملڪ جي قومي ٻڌيءَ جي ترجماني ڪري رهيو آهي. ان موقعي سينئر صحافي محمد رمضان جوڻيجو، قاضي آفتاب احمد، عبدالجبار ميمڻ،ياسر منگي، قاضي فريد احمد، ديدار سومرو، ربنواز کوسو، قاضي سهيل احمد، اطهر ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here