ڪامريڊ حيدر بخش هاء اسڪول انتظاميا سوشل ميڊيا تي هلندڙ پروپئگنڊا کي من گهڙت ۽ سازش قرار ڏئي ڇڏيو

0
157

ڏوڪري

ڏوڪري ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سان منصوب بوائز هاء اسڪول انتظاميا سوشل ميڊيا تي اسڪول جي استادن خلاف هلندڙ پروپئگنڊا کي من گهڙت ۽ سازش قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي ، صحافين ۽ ساڃاهه وند ڌرين کي اسڪول ۾ گهرائي استادن ۽ شاگردن جي ڪارڪردگي ڏيکاري وئي، اسڪول جي اسيمبلي کان وٺي آخري پيرڊ تائين ڪلاس ۾ هلندڙ سرگرمين کي ڏيکاريو ويو۔

جڏهن ته ميڊيا جي نمائندن ۽ ساڃاهه وند ڌرين اسڪولي شاگردن کان سوال جواب به ڪيا،ان ڏس ۾ ڏوڪري تعلقي جي صحافين جي هڪ ٽيم گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جو دورو ڪيو اسڪول جي هيڊ ماستر نثار احمد سولنگي پاران 6 کان وٺي 10جماعت جي ڪلاسن جو وزٽ ڪرايو ويو صحافين جي ٽيم شاگردن کان علم بابت معلومات پڻ ورتي شاگردن کان سوال جواب به ڪيا جنهن ۾ شاگردن جو مڪمل ٽئلينٽ نظر آيو هوڏانهن اسڪول جي هيڊ ماستر نثار احمد سولنگي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن اسڪول ۾ ڪرونا وائرس کان پوءِ مسلسل بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي تعليمي سرگرميون جاري آهن۔

هن ٻڌايو ته 2100 طالب علم علم جو زيور سان آراسته ٿي رهيا آهن هن اسڪول جي استادن خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ منفي پروپيگنڊا جي مذمت ڪندي منفي خبرون رد ڪندي چيو ته اسڪول ۾ استادن جي حاضري مڪمل آهي ۽ ڪو به استاد ويزا تي نه آهي اسڪول باقاعده طور هلي رهيو آهي اسڪول جي استادن خلاف هلندڙ واويلا غلط بي بنياد آهي جنهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي۔

هن چيو ته اسڪول ۾ وڻ ڪاري مهم شروع ڪري وڻ لڳايا وڃن ٿا ته جئين اسڪول کي گلو گلزار بڻائي سگهجي هنن چيو ته علم سان ئي ملڪ قوم ترقي ڪندا آهن علم سان منزلون طئي ڪبيون آهن ان موقعي تي استادن جو چوڻ هو ته ڪرونا وائرس کان پوءِ اسڪول کلڻ کان پوءِ تعليم جو تسلسل جاري آهي ها۽اسڪول ڏوڪريءَ ۾ تعليمي ماهرن نوجوان استادن جي موجودگي ۾ ڪلاسز جاري آهن ۽ جتي سائنس انگلش ڪيمسٽري فزڪس کان علاوه ڪمپيوٽر اسلاميا کان علاوه هر هفتي ڪوئيز ڪامپيٽيشن سبجيڪٽ جي ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي جنهن ۾ شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ انعام پڻ ڏنا وڃن ٿا۔

ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ تدريسي عمل بهترين انداز سان جاري آهي استاد اسان کي محنت سان پڙهائي رهيا آهن ڪجهه ڌريون اسڪول خلاف منفي پروپيگنڊا ڪري رهيون آهن جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، ان موقعي تي ميڊيا جي ٽيم جو چوڻ هو ته اسڪول انتظاميا اسان کي اسڪول جي وزٽ ڪرائي آهي اسان کي وزٽ دوران استادن ۽ شاگردن جي مڪمل حاضري نظر آئي ۽ شاگردن ۾ ٽئلينٽ نظر آيو
ان موقعي تي استاد اقبال ٻٽ. سيد افتخار شاهه. واس ديو. قاضي الله بخش عبدالغفور زهراڻي. قاضي عقيل احمد. علي بخش پٺاڻ. ذاڪر حسين سومرو. قاضي راشد ۽ ٻيا موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here