ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين پاران احتجاج، صحافين کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو

0
180

ڏوڪري: صحافي آزاد انور ڪانڌڙي تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين احتجاج ڪري صحافين کي تحف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين رمضان جوڻيجو، منظور ميراڻي، قاضي آفتاب، ياسر منگي، اطهر سنديلو، اسد ٻگهيو، فدا حسين ابڙو، قاضي ڪفايت ﷲ، ديدار سومرو، علي اصغر ميمڻ، امداد ٻگهيو، قاضي فريد، وحيد ڳاهو، قاضي سهيل احمد، فيصل رضا ابڙو، قيوم جوڻيجو، اطهر ميمڻ ۽ ٻين آزاد انور ڪانڌڙي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو۔

احتجاج ڪندڙ صحافين چيو ته قاتلاڻا حملا ڪري، ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري قلمڪارن کي دٻايو ۽ هيسايو پيو وڃي. صحافين چيو ته بيڏوهي قتل ڪيل شهيد صحافي عزير ميمڻ، ذوالفقار مندراڻي، امير بروهي، منير سانگي ۽ ٻين جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سبب قلم ڌڻي غير تحفظ جو شڪار آهن. هنن مطالبو ڪيو ته صحافي آزاد انور ڪانڌڙي خلاف داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ صحافين ۽ سندن گهر ڀاتين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here