سڪرنڊ جي هڪ سو ڳوٺن کي گئس ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

0
314
sakrand protest

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

سڪرنڊ جي هڪ سو ڳوٺن کي گئس ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف سنڌ سجاڳ فورم جي صدر مجيد عباسيءَ جي اڳواڻي ۾ قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي ايس ايس ايف صدر مجيد عباسي، هيومن رائيٽس جي محمود مصطفٰى مگسي، ايس يو پي جي شهمير جمالي ، جي يُو آءِ جي عبد الرشيد پرهياڙ ، جاڳرتا فورم جي حسين ڪيريو چيو ته سنڌ 70 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿي جنهن تي پوري پاڪستان جي معيشت جو دارومدار آهي، پر بدقسمتيءَ سان جتي سنڌ جا هزارين ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن۔

سڪرنڊ جا به سوين ڳوٺ گئس جهڙي وڏي سهولت کان وانجهيل آهن ، سڪرنڊ جا ماڻھو ڪاٺين ۽ مال جي ڇيڻن تي رڌ پڇاءُ ڪرڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته گئس نه ملڻ سبب وڻن جي واڍي ٿئي ٿي جنهنڪري ماحول آلودگيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ آلودگيءَ سبب بيماريون جنم وٺي رهيون آهن۔ هنن اعلٰى اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته سڪرنڊ جي ڳوٺن کي فوري طور تي گئس ڏنو وڃي نه ته ايندڙ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو . احتجاج ۾ شوڪت ميمڻ ، قلندر بخش ملاح ، اياز ڪيريو کانسواءِ سياسي ، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سوين ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here