ڏوڪري
جشن ولادت باسعادت امير ڪائنات مولا علي ابن ابي طالب عليہ السلام جي حوالي سان سان الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان مولانا غلام علي عاملي، زوار حاجي منظور جلباڻي، زوار قاضي وحيد علي، صلاح الدين، قاضي زيب، سيد غلام شاھ، الطاف ڪولاچي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي۔
ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ مومنين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ريلي شھر جي مختلف بازارن مان گذرڻ ڪرڻ دوران ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ مومنن مان گلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 13 رجب المرجب تي مولا علي عليہ السلام جن جي آمد مومنين جي لاءِ عيد جو ڏهاڙو آهي۔ ‘
مومنين 13 رجب مولا علي عليہ السلام جن جي آمد جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهائيندا آهن. هنن چيو ته آقا محمد مصطفي ﷺ جن فرمايو آهي ته جنهن جنهن جو مان مولا آهيان ان جو علي عليہ السلام مولا آهي، هوڏانهن مرڪزي امام بارگاھ ۾ دسترخوان مولا علي عليہ السلام سجايو ويو۔