قمبر ۾ پ پ طرفان ايم پي ايز جي رهائش گاھ تي پوليس چڙهائي خلاف، مڪمل شٽر بند هڙتال

0
230

رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ ايم پي اي نواب زادہ برهان خان چانڊيو جي رهائش گاھ تي پوليس چڙهائي خلاف،قمبر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، سچوا ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال رهي، هڙتال سبب شاهي بازار، ریشم گلي، اناج منڊي، صرافہ مارڪيٽ ،ڪلاٿ مارڪيٽ ،لاهي چاڙهي سميت شهر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ٻئي طرف غيبي ھائوس قمبر کان هزارين ماڻهن جي هڪ وڏي احتجاج ريلي ڊاڪٽر نياز حسين چانڊيو، ڊاڪٽر اقبال بروهي، شعيب ميمڻ، شير علي مگسي، شعبان شيخ ،مجاهد حسين شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي اڳواڻي ۾ ڀٽو چونڪ تي جتي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي۔

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو تہ پوليس ڏاڍ ۽ بربریت جو مظاهرو ڪري چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪيو، پولیس بنا ڪنهن وارنٽ جي ٻن ايم پي ايز جي بنگلن ۾ داخل ٿي جهڙتي ورتي جيئن ڪنهن ڏوهاري هجن، ميھڙ واقعي ۾ ضمانت هجڻ جي باوجود بنا جواز رهائش گاھ تي ڇاپا هڻڻ جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون تہ آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ڊي آئي جي حيدرآباد سميت ملوث پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، هنن وڌيڪ چيو تہ جيسيتائين نواب سردار خان چانڊيو ۽ نوابزاده برهان خان چانڊيو سان انصاف نہ ڪيو ويندو اسان جو احتجاج جاري رهندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here