وڳــــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري
عوامي پريس ڪلب وڳڻ صدر مهراڻ ٽي وي نيوز جي رپورٽر نادر علي مغيري جي پڦي جي وفات تي تعزيت جو سلسلو هلندڙ آھي جڏھن ته صحافي سان تعزيت ڪرڻ جي لا۽ پيپلز پارٽي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي اڳواڻ ۽ مغيري برادري جي مير امير جان مغيري ۔ رئيس علي محمد مغيري ۔ استاد خليل الرحمان ٻرڙو ۔ سجاڳ نوجوان اتحاد جو اڳواڻ ممتاز وڳڻ ۔ ڪامران پنهور ۔ ھا۽ ڪورٽ لاڙڪاڻي جو سئنير وڪيل علي حسن مغيري۔ جي يو آ۽ اڳواڻ منور علي پنهور ۽ مختلف پريس ڪلب جي صحافين ۔ علي گل انقلابي ۔ وحيد مئيو ۔ محمد مبارڪ بلوچ ۔ ايم رفيق مغيري ۔ حسن علي مغيري طارق حسين مگسي ۔ علي گل مغيري ۔ احسان علي ٽوٽاڻي ۔ ارباب علي چولياڻي ۽ برادري جي سوين ماڻھو صحافي نادر علي مغيري جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ۽ مرحومہ لا۽ دعا پڻ گهري وئي۔
ان موقعي تہ پيپلز پارٽي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي اڳواڻ ۽ مغيري برادري جي مير امير جان مغيري چيو ته پنهنجي برادري جي هر ڏکي وقت ۾ گڏ آھيون ۽ پنهنجي برادري کي ڪڏھن به اڪليو ڪون ڇڏيو ويندو اسان کان جيتري مدد ٿي سگهندي پهنجي برادري جي مدد ڪنداسين۔