ماهي مڪول پوليس جي مبينا تشدد ۽ گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان ضمير چانڊيو جي قاتل اهلڪارن جي گرفتاري لاءِ پي ٽي آئي قمبر پاران احتجاجي مظاھرو

0
258

قمبر( رپورٽ قاضي نياز حسين)

قمبر: ماهي مڪول پوليس جي مبينا تشدد ۽ گوليون هڻي ڪري قتل ڪيل نوجوان ضمير چانڊيو جي قاتل پوليس اهلڪارن جي گرفتاري لاءِ پي ٽي آئي قمبر طرفان عبدالڪريم گوپانگ اڪبر خاصخيلي گهرام چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي قمبر ضلعي جي پوليس ڌاڙيل ۽ رهزنن کان به ٻه پير اڳتي نڪري چڪي آهي پوليس به جاء نوجوان کي کنڀي تشدد ڪري سندن لاش وارثن حوالي ڪري ٿي ۽ بعد ۾ اگر پوليس مٿان ڪيس داخل ڪرايو وڃي به ٿو ته سندن پٽي بهائي کين اڳواٽ فرار ڪرائي ۾ مدد ڪن ٿا هنن آء جي سنڌ ۽ ڊي اي جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد نوٽيس وٺي ضمير چانڊيو جي قتل پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري عدالت م پيش ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here