سڪرنڊ (رپورٽ مشتاق سولنگي) سڪرنڊ ويجهو هالا برانچ شاخ ۾ ننڍي ڀاء امجد ڀاڻوجو کي بچائيندي وڏو ڀاء 20 ساله عبدالمجيد ولد حاجي عثمان ڀاڻوجو ٻڏي ويو, جنهن جو لاش ٽن ڪلاڪن جي ڳولا بعد هٿ ڪيو ويو
فوتي عبدالمجيد جو ڀاء امجد ڀاڻوجو گرمي سبب شاخ ۾ وهنجي رهيو هو ته اوچتو اونهي پاڻي ۾ اچي ٻڏڻ لڳو جنهن دوران سندس وڏو ڀاء عبدالمجيد ڀاڻوجو بچائڻ لاء شاخ ۾ لٿو جيڪو ٻڏي ويو ۽ ٽن ڪلاڪن ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو جيڪو گھڻو وقت پاڻي ۾ رھڻ ڪري ساھ ٻوسٽجڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته ننڍي ڀاء امجد ڀاڻوجو جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو۔