وڳڻ ٽائون جي اڪثر ڳوٺن ۽ شھر جي هيٺائن علائقن ۾ اڃان تائين برسات جو پاڻي بيٺل

0
184

وڳــــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ برسات کي بند ٿيندي 5 ڏينهن گذري ويا آھن پر ٽائون انتظاميہ هن وقت تائين غائب آھي وڳڻ ٽائون جي اڪثر ڳوٺن ۽ شھر جي هيٺائن علائقن ۾ اڃان تائين برسات جو پاڻي بيٺل آھي جيڪو نيڪال ڪون ٿي سگهيو برسات جو پاڻي تلا۽ جو ڏيک ڏئي رهيو آھي پاڻي بيهڻ جي ڪري مختلف خطرناڪ بيمارين جنم ورتو آھي۔

سماجي تنظيم سجاڳ نوجوان اتحاد جي اڳواڻ ممتاز وڳڻ ۔ يونس وڳڻ ۽ ٻئن چيو تته وڳڻ ٽائون جي هر مهيني لکين روپيا بجيٽ اچي پيو پر اهو ٻڌايون وڃي ته ڪٿي خرچ ٿو ڪيون وڃي وڳڻ شھر کي ٽائون جو درجو ملندي عرصو گذري ويو پر ان کي ٽائون جا حق نٿا ڏنا وڃن۔

ٽي ايم او وڳڻ شھر جي مختلف محلن جو دورو ڪري سڀ نظر اچي ويندس باقي ٽي ايم او ويهي ڳالهيون ڪري ٿو ته اسان ڪم ڪيون پيا اهو ڪم ڪٿي ٿا ڪن نظر ته ڪجھ به نٿو اچي وڳڻ ٽائون ۾ ايندڙ جيڪي ڳوٺ آھن يان شھر جا هيٺائن علائقا آھن اتي هن وقت تائين برسات جو پاڻي بيٺل آھي انه کي ڪڍرايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here