پوليس جي ڪاروائي منشيات فروش منشيات سميت گرفتار

0
245

وڳــــــــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ پوليس جي ڪاروائي منشيات فروش مريد چانڊيو کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي پنهنجي پوليس نفري سان گڏ چيڪنگ ڪري رهيو هيو ته منشيات فروش مريد چانڊيو کي 290 گرام چرس سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو۔

جوابدار مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي منشيات فروش مريد چانڊيو منشيات جو ڪاروبار ڪندو آھي ھوڏانهن ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي صحافين کي تفصيل ٻڌائندي چيو ته وڳڻ شھر اندر سماج دشمنن خلاف ڪاروائي تيز ڪري ڇڏيو آھي منشيات فروشن نوجوانن جي زندگين کي ختم ڪري ڇڏيو هيو هاڻي انهن منشيات فروشن جو اسان گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آھي۔

منشيات هلائندڙن کي گرفتار ڪري قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي وڌيڪ اهيو به چيو ته اسان پوليس وارن جو فرض آھي ته اسان عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪيون ۽ جيڪي سماج دشمن آھن منشيات فروش اهئي هاڻي پاڻ کي بچائڻ جي لا۽ مختلف رستا ڳولهي رهيا آھن پر اسان انهن منشيات فروشن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏينداسين ۽ هر حال ۾ انهن کي گرفتار ڪري پنهنجي علائقي جي ننڊي نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچائنداسين۔

ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي جو شھرين کي ڪندي چيو ته پوليس سان تعاون ڪن ۽ پوليس هر وقت شھري جي مدد ڪندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here