سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)
وڻ نه رڳو سنسار جي سونهن آهن پر ماحول کي آلودگي ۽ گرميءَ کان بچائين ٿا اهڙو اظهار ڪامريڊ قربان ڪيريو گورنمينٽ ڊسپينسري فضل ڪيريو ۾ مختلف قسم جا وڻ ۽ ٻوٽا لڳائڻ وقت ڪيو، ڊاڪٽر گل بانو عباسي چيو ته وڻ ۽ ٻوٽا الله تعالٰى جي عطا ڪيل نعمت آهن جيڪي صاف سُٿري آڪسيجن مهيا ڪن ٿا ، وڻن ۽ ٻوٽن جي ٻجن ، گل ، ٻاڙن ۽ کلن مان ڪيترين ئي بيمارين جون دوائون پڻ ٺھن ٿيون جيڪي انسانن توڙي جانورن لاء فائديمند آهن۔
امام علي ڪيريو چيو ته وڻن جو ڪاٺ فرنيچر ٺاهڻ ، گهرن جي اڏاوت ڪرڻ ، ٻارڻ ۽ مال جي چاري لاءِ استعمال ٿئي ٿو، ان موقعي تي ڪامريڊ اصغر ڪيريو ، انور ڪيريو ، عباس ڪيريو ، ولي محمد ڪيريو ۽ دوست محمد ڪيريو پڻ ٻوٽا پوکي مهم ۾ حصو ورتو جڏھن ته اسڪول جي ٻارڙن کي وڻن جي افاديت ۽ اهميت بابت معلومات به ڏني وئي ۽ انهن کان ٻوٽا پوکرايا ويا۔