رٽائر جج خلاف ملازم ڇوڪر جو احتجاج، تحفظ جي گهر

0
160

ٽنڊو محمد خان رپورٽ

ضلعي ٽنڊي محمد خان جي تعلقو بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ ڳوٺ قادر ڏنو شاھ جي رھاڪو ثناءُالله ولد نياز حسين ملاح پاران رٽائر سيشن جج تي پگهار هڙپ ڪرڻ، تشدد ڪرڻ ۽ پوليس معرفت تنگ ڪرڻ جا الزام، انصاف ۽ تحفظ جي اپيل۔

ثناءُلله، سندس والد نياز حسين ملاح ۽ گهر ڀاتين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته هي ڇوڪرو اٺ مھينا اڳ اٺ هزار روپيا پگهار تي رٽائرڊ سيشن جج حسن شاھ وٽ ڪم تي لڳو ھو، ڪم دوران شاھ صاحب هن تي ڏاڍو ظلم ڪندو ھو ۽ ڪم دوران ٿوري غلطي ٿيڻ تي سندس گارڊن ھٿان تشدد جو نشانو بڻائيندو ھو، جنھن ڪري هي ٻار سندس بنگلو ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو۔

هنن ٻڌايو ته ھاڻي ھو بار بار انهن ڏانھن ماڻھو ۽ پوليس موڪلي رھيو آھي ۽ ڪالھ به پوليس موڪلي ڌمڪايو، جيڪي چون ٿا ته سائين ڇوڪر کي گھرايو آھي۔ جيڪڏھن نه ھلندين ته توکي ۽ تنھنجي مائٽن کي ٻڌي کڻي وينداسين، هنن الزام لڳايو ته ھو بار بار هنن جي ڳوٺ پوليس موڪلي ڇوڪر ۽ ھن جي مائٽن کي تنگ پيو ڪري ۽ ٻڌرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي پوليس جي زور تي تنگ پڻ ڪري رھيو آھي۔

هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، آئي جي سنڌ ، سنڌ بار ڪائونسل، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ۽ اعليٰ آفيسرن کان اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته هنن کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here