ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ڊبل اي پي سافڪو اين جي اوز طرفان سجاول جوڻيجو ۾ جاڳرتا پروگرام منعقد

0
171

رپورٽ: علي مدد لاشاري

سجاول جوڻيجو: ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ڊبل اي پي سافڪو اين جي اوز طرفان سجاول جوڻيجو جي مقامي گوادر هوٽل تي جاڳرتا پروگرام منعقد ڪيو ويو ڊبل اي پي سافڪو جي اڳواڻن فضل محمد ڪمالاڻي وٽنري ڊاڪٽر ثاقب علي مھيسر سرسو اين جي اوز اڳواڻ ميڊم گلي ليلا آيل ماڻھن کي ڄاڻ ڏني قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ اسان جي اين جي اوز ڪم ڪري ٿي انساني صحت ماءُ ۽ ٻار سميت کير ڏيندڙ جانورن جي صحت تي ڪم ڪري ٿي ان سان گڏ ايگريڪلچر تي ڪم ڪندڙ ادارو آهي جنھن ۾ سبزين جا ٻج پڻ مفت ڏنا پيا وڃن جيڪي ماڻهو پوکي تازيون ڀاڄيون کائي سگھن جنھن سان ماڻهو جي سبزي کائڻ سان پنهنجي صحت ٺاهي سگھي ماءُ جي صحت ڪمزور هئڻ ڪري پيدا ٿيندڙ ٻار کاڌ خوراڪ سبب ڪمزور ٿين ٿا عورتون ڪمزوري جي ڪري ٿئي ٿي جانورن جي صحت بابت اسان کي خيال رکڻو آهي اسين هنن جو کير ۽ گوشت واپرايون ٿا ان سان اسان جي صحت ٺھي ٿي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here