قمبر: رپورٹ قاضي نياز حسين
قمبر جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ سندس گھر تي پوليس ڇاپي خلاف جسقم، پ پ پ شھيد ڀٽو، قمبر يوٿ فورم طرفان شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي مختيارڪار آفيس جي در جي سامهون ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن رياض گل لاکو، ڪامريڊ اياز، سعيد احمد، شوڪت علي چانڊيو لعل جان بروهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بحريا ٽائون واقعي جي آڙ ۾ سنڌي قوم جي محبوب اڳواڻن صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ، ۽ سندس گھر تي ڇاپو هڻي سندس پارٽي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پرامن احتجاج کي سازش تحت پر تشدد بڻائي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ وارو عمل ناقابل برداشت آھي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ سندس ساٿين قومي ڪارڪنن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو۔