سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سڪرنڊ ۾ قومپرست جماعتن ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم ۽ ٻين پارٽين جو سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي

0
177

سڪرنڊ (رپورٽ مشتاق سولنگي)

سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سڪرنڊ ۾ قومپرست جماعتن ايس ٽي پي .ايس يو پي.جسقم۽ ٻين پارٽين جو سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ چانڊيا پيٽرول پمپ سڪرنڊ کان صحافي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ مختلف جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شرڪت. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته سنڌ ڌرتي تي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي. اسان پرامن آهيون جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت جيڪي قومي ڪارڪن گرفتار ٿيا آهن جن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي۔

بحريا ٽائون آڏو هزارين پوليس اهلڪار مقرر هئا. اسان کي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪرڻو هو پر هنن بند ڪري ڇڏيو مجبورن اسان کي هائي وي بند ڪرڻو پيو. شرپسند عناصر آيا جن اندر وڃي ڀڄ ڊاهه ڪئي اسان اسٽيج تان بار بار اعلان ڪندا رهياسين سيڪيورٽي کي چوندا رهياسين پر ڪنهن به انهن کي نه روڪيو پوليس گم ٿي وئي. اسان تي اربين کربين روپين جي ڪرپشن روڪڻ لاءِ اسان تي دهشت گردي جا ڪيس داخل ڪري 12 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اهڙن هٿرادو ڪيسن جي پرواهه نه آهي. 14 سالن ۾ پيپلز پارٽي ، مراد علي شاهه، بلاول ڀٽو بحريا ٽائون جي عملدارن سان گڏجي ٺٽي ۽ ڄامشورو جي لکين ايڪڙ زمين بلڊرن جي حوالي ڪري ڇڏي۔

جنهن مان پيپلز پارٽي قيادت اربين روپيا کاڌا آهن 2012 ع ۾ سنڌ کي ورهائڻ جو قانون به انهن ساڳين سنڌ اسيمبلي جي ميبرن پاس ڪرايو هو پر سنڌ جي ماڻهن ڀرپور مزاحمت ڪري ان قانون کي واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو. ساڳيا اسيمبلي ميمبر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وري به اسيمبلي ۾ پهچي ويا اڄ به سنڌ سان غداري ڪري رهيا آهن.ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ ، شهمير جمالي ،ايس ٽي پي اڳواڻ حاڪم علي انڙ ، ايوب کوسو ، جسقم اڳواڻ مورڙيو ميربحر ، جسم اڳواڻ ساگر ملاح ، سنڌ سجاڳ فورم جي مجيد عباسي ، جي يو آئي جي عبدالرشيد پرهياڙ ، جسقم آريسر جي ذوالفقار کوکر، ليکڪ غلام حسين جوڻو ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪيو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here