ميونسپل ڪاميٽي مٺي جي من پسند ٺيڪيدارن پاران ڏينهن ڏٺي عوامي ناڻو لٽي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لڳا

0
361

ٿرپارڪر: رپورٽ جنيد آزاد

مٺي شھر ۾ ھلندڙ سي سي روڊ جي ڪمن ۾ ڏينھن ڏٺي جو مٽئريل بجاء واري وجھي انتظاميان ۽ عوام جي اکين ۾ سرمو وڌو پيو وڃي۔ مٺي ميونسيپل ڪاميٽي جا ٺيڪا منسپسند ماڻھن کي ملڻ جي ڪري ڏينھن ڏٺي جو ڪمن جي جاچ نه ٿيڻ جي ڪري عوام سان ويساگھاتي ڪري مٽئريل بجاء واري وجھي انتظاميان ۽ عوام جي اکين ۾ سرمو وڌو پيو وڃي۔

شھرين جي شڪايتن باوجود ڪم جيئن جو تيئن جاري آھن ۽ انتظاميان مان ڪو به کنگھڻ جي لاء تيار ناھي، ياد رھي ته ھي ميونسيپل ڪاميٽي جا آخري ٺيڪا آھن جن جو ڪم ڪرايو پيو وڃي، سياسي آشريواد ھجڻ جي ڪري ميونسيپل ڪاميٽي خلاف ڪو ب ماڻھو ڳالھائڻ جي لاء تيار ناھي۔

وڊيو ۾ واضح ڏسي سگھجي ٿو ته ھي ٺھندڙ روڊ پنھنجي ذاتي استعمال جي لاء ٺھرايو پيو وڃي ۽ ويجھڙ ڪو آبادي ڪونھي ۽ ايم اين اي جي گھير جو ڀاتي ٺيڪيدار ھجڻ جي ڪري روڊ جو ڪم منپسندي سان ڪرايو پيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here