پيٽروليم مصنوات جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري عوام جي مٿان مهنگائي جو بم ڪيرايو ويو آھي

0
251

وڳـــــــــڻ رپـــــــورٽر حسن علي مغيري

وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم مصنوات جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري عوام جي مٿان مهنگائي جو بم ڪيرايو ويو آھي هڪ مهيني جي اندر چار دفا پيٽرول جا اگھ وڌيا ويا آھن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اضافو ٿيڻ کان پو۽ ايل پي جي گيس جي قيمتن ۾ بهي 12 روپيا في ڪلو تي اضافو ڪيو ويو آھي۔

هن وقت ايل پي جي گيس جي قيمت 150 روپيا ٿي ويو ايل پي جي گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ کان پو۽ وڳڻ جي سياسي ۔ سماجي ۔ مذهبي ۔ توڙي ساڃان وندن پاران حڪومت وقت کان مطالبو ڪندي چيو تہ عوام کي رليف ڏيڻ بجا۽ ويتر غريب مسڪين عوام مٿان مهنگائي جو جيڪو جبل ڪيرايو ويو آھي۔

اهو سمجه کان بلڪل ٻاهر آھي هر مهيني نوان ريٽ مقرر ڪيا وڃن ٿا پيٽرول جيڪو جنرل پرويز مشرف جي دور م 20 روپيا في ليٽر وڪرو ٿيندو هيو ۽ ڊيزل 22 روپيا ۾ في ليٽر وڪرو ٿيندو هيو اهو هاڻي هن وقت نيازي حڪومت آسمان جي چوٽ تي ريٽ چاڙي ڇڏيا آھن۔

غريب ماڻھو نٿو پهچي سگهي عمران حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان پهريان اهيو چيو هيو ته منهنجي حڪومت ايندي ته مان سڀ کان پهريان نوجوانن کي نوڪريون ڏئي انهن کي روزگار سان لاهيندس ۽ سڄي ملڪ ۾ رڪاڊ ڪم ڪرائندس ۽ مهنگائي کي مڪمل ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here