وڳڻ شاخ تي آبپاشي انڪروچمنٽ عملدارن طرفان ڪاروائي ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ

0
208

وڳـــــــــڻ وي اين ايس نــــيوز
رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ شاخ تي آبپاشي انڪروچمنٽ عملدارن طرفان ڪاروائي ڪيترائي گهر ڍاهي پٽ، آبپاشي انڪروچمنٽ عملدارن طرفان وارھ لعلورائينڪ روڊ تي ڳري مشينري ۽ پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري وڳڻ شاخ تي پهتا۔

سالن کان آباد ٿيل غريب پورهيتن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن ۽ سندن کي بي ڳھر ڪيو ويو آهي ان حوالي سان علائقي واسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان غريب پورهيت آهيون مزدوري ڪري پنهنجن ٻچڙن جو پيٽ پاليندا آهيون اسان جي ٻچڙن کان ڇت کسي واڳ ڌڻين اسان غريبن پورهيتن سان وڏو ظلم ڪيو آهي۔

علائقي واسين تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مدد جي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته خدارا اسان جي واهر ڪئي وڃي ۽ وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي ته جئين غريب مسڪين بي ڳھر نه ٿين۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here