ڏوڪري رپورٽ: قاضي فريد
ڏوڪري ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جون تياريون شور سان جاري، ثقافتي تقريبن ۽ جاڳرتا ريلين جو سلسلو هلندڙ، ڏوڪري پريس ڪلب پاران شاندار ثقافتي تقريب منعقد، وڏي انگ ۾ سياسي سماجي صحافتي ۽ ادبي ڌرين جي ماڻهن جي شرڪت،جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ثقافتي تقريب ۾ گيتن جي گونجار، سگهڙن سگهڙاڻو فن پيش ڪيو، آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پيش، هر طرف ثقافتي رنگ نروار، سياسي سماجي ڌرين پاران 6 ڊسمبر قومي عيد جي ڏهاڙي جيان ملهائڻ جو اعلان۔
تفصيل موجب ڏوڪري ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تياريون زور شور سان جاري آهن، ماڻهن ۾ وڏو جوش جذبو نظر اچي رهيو آهي، ثقافتي تقريبن ۽ جاڳرتا ريلين جو سلسلو هلندڙ آهي ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڏوڪري پريس ڪلب پاران ٽائون هال ۾ هڪ شاندار ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي،جنهن ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ادبي صحافتي ڌرين جي ماڻهن پ پ اڳواڻ حافظ رجب سولنگي، چئمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ عبدالحميد جيسر، ليکڪ اديب مصور حسين، جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، ايس يوپي اڳواڻ زبير احمد جکرو،خالد جوڻيجو، پروفيسر گلاب سومرو، معشوق علي جتوئي، صحبت جسڪاڻي، حبيب الله کوکر، سماجي اڳواڻ صداقت علي جوڻيجو، الطاف خاصخيلي، منظور جلباڻي، آغا خان جلباڻي، محمد عرس سومرو، محمد علي کوسو، خالد جوڻيجو، صحافي محمد رمضان جوڻيجو، قاضي آفتاب احمد، اسد ٻگهيو، فدا حسين ابڙو، اطهر سنديلو، ياسر منگي، قاضي ڪفايت الله، قاضي فريد احمد، علي اصغر ميمڻ، امداد ٻگهيو، قاضي سھيل احمد، قاضي نوشاد احمد، رحمان هيسباڻي، ماجد ڀٽو، سمير سومرو، امر لعل، حميد جيسر، همير سومرو، اختيار جروار، قيوم جوڻيجو، غلام حيدر جوڻيجو ظفر امداد ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔
ان موقعي تي ليکڪ مصور حسين، صداقت جوڻيجو، طالب چنو، اڪبر قريشي ٻين سنڌ جي ثقافت تي شاعري پڙهي ٻڌائي جڏهن ته مختلف فنڪارن گيت جونگهاريا، ان موقعي تي آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ويا هر طرف ثقافتي رنگ نروار پيا سياسي سماجي ڌرين پاران 6 ڊسمبر قومي عيد جي ڏهاڙي جيان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو۔
ان موقعي سياسي سماجي ڌرين جي ماڻهن جو چوڻ هو ته ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ زنده قومن جي زنده دلي جو چٽو ثبوت هوندو آهي اسان هر سال جيان هن سال به ايڪتا جو ڏينهن ڀرپور نموني ملهائيندا سين سنڌ جي ثقافت تي اسان کي ناز آهي اسان خوشنصيب آهيون جو هزارين سالن جي تهذيب جا وارث آهيون جنھن جو چٽو مثال قديم ماڳ موهن جو دڙو جي تهذيب آهي۔.