ڏوڪري شهر مسئلن جي ور چڙهيل، قبضا، بجلي جي لوڊشيڊنگ، مڇرمار اسپري نه ٿيڻ، صفائي سٿرائي جو نظام بهتر نه هجڻ ۽ ايڊمنسٽر کي هٽائڻ جو مطالبو : چئمبر آف ڪامرس جا اڳواڻ ان ڏس ۾ گذريل رات ڏوڪري ٽائون هال ۾ چئمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالحميد جيسر پاران اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ سياسي سماجي، صحافين ۽ چئمبر آف ڪامرس ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
ان موقعي تي چئمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالحميد جيسر، مظهر گلال، معشوق علي جتوئي، غلام قادر ڏيرو، جاويد ڪولاچي، ايڊووڪيٽ امداد جويو، واحد بخش موريو، چئمبر آف ڪامرس جي اڳواڻي صدر شوڪت علي سومرو، قاضي عبدالشڪور جوڻيجو، طالب چنو، ڏوڪري پريس ڪلب صدر قاضي آفتاب، فدا حسين ابڙو، علي اصغر ميمڻ، ديدار سومرو، محبوب سومرو، ظهير ميمڻ ۽ ٻين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڏوڪري شهر ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، روزانو 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ سيپڪو عملدارن بجلي جي صارفين ڏانهن ڳرا بل اماڻي رهيا آهن۔
هنن چيو ته شهر جي علي پارڪ تي قبضا مافيا قبضو ڪرائي ڇڏيو آهي، شهر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بهتر ناهي، مڇرمار ڦوهارو نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو جنهن سبب مختلف بيمارين ڪر کنيو آهي. هنن چيو ته ڏوڪري جو ايڊمنسٽريٽ اسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي ويو ضلعي انتظاميا اسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي کي هٽائي ايماندار اسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي۔
جڏهن ته اجلاس ۾ شريڪ سڀني سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چئمبر آف ڪامرس جي اڳواڻن تي اعتماد ڪندي شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته چئمبر آف ڪامرس جي اڳواڻن پاران 16 ڄڻن تي مشتمل چئمبر آف ڪامرس جي ورڪنگ ڪاميٽي ميمبر حافظ خان محمد ڪلهوڙو، شوڪت علي سومرو، رميش لعل، محمد سليم واڍو، غلام علي منگي، نثار ٻٽ، حبيب ﷲ کوکر ۽ ٻيا مقرر ڪيا ويا. هوڏانهن اسٽنٽ ڪمشنر غوث بخش جتوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته الزام اجايا آهن۔