پريس ڪلب جي اڳيان چونڊيل نمائيندن ۽ وس وارن کي دانھن

0
153
sakrand press club

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ جان محمد ڪيريو جي رهائشي غلام نبي ڪنڀر پنهنجي ڪٽنب سان گڏ سڪرنڊ پريس ڪلب جي اڳيان چونڊيل نمائيندن ۽ وس وارن کي هٿ ٻڌندي چيو ته سومر جي ڏينهن اسان جي گهرن کي اوچتو باه وڪوڙي وئي جنهن ۾ گهر جا بسترا ، ٿانو ، پکا ، سولر پليٽ ، اناج ، نياڻيءَ لاءِ گڏ ڪيل ڏاج ، 25000 هزار روڪ ، اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ انٽر جي سرٽيفڪيٽن سميت سڀ ڪجھ سڙي رک ٿي ويو، هن وقت بي سهارا کليل آسمان هيٺان ويٺا آهيون . هن چيو ته ايس ڊيم سڪرنڊ طرفان صرف هڪ خيمو مليو آهي ، باقي ڪنهن قسم جي مدد نه ڪئي وئي آهي، هن مقامي چونڊيل نمائيندن ، اعلٰى اختيارين ۽ سرنديء وارن کي اپيل ڪندي چيو ته آئون معذور آهيان منهنجي مدد ڪئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here