وارھ : مظفر قاضي
سولنگي برادري جي عورتن اربيلي خاتون ، راشده خاتون، صنم خاتون وارھ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي الزام هنيو ته مغيري برادري جي ماڻهن نور مغيري ۽ عطاء الله جي بڇ تي ممتاز مغيري اسان جي سارين جي پيل ٻار ۽ ڪڻڪ جي فصل کي باھ ڏئي فصل ساڙي ڇڏيو آهي ان موقعي تي احتجاج ڪندي آء جي سنڌ ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي۔