ميروخان ( رپورٽر علي مدد لاشاري ) سجاول جوڻيجو پوليس ٽي سال اڳ اغوا ڪيل نوجوان عورت کي اڍائي ورهين جي ڌي سميت بازياب ڪرائي ورتو آهي۔ ان حوالي سان ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو رفيق احمد کيڙو بازياب ڪيل عورت فهميده زال ممتاز چانڊيو سان گڏ ميروخان ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته ٽي سال اڳ سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخشيو ساريو ڀرسان جوابدار ٻاجهي چانڊيو، ٽلڻ چانڊيو ۽ درمحمد چانڊيو ذاتي دشمني تان ممتاز چانڊيو کي قتل ڪري سندس جي 22 ورهين جي ڳورهاري زال فهميده چانڊيو کي اغوا ڪري کڻي ويا هيا، جنهن کي اڄ صبح ڪراچي کڻي وڃي رهيا هيا ته مغوي عورت پوليس کي ڏسي رڙيون ڪيون جنهن کان پوءِ جوابدار مغوي عورت فهميده ۽ اڍائي ورهين جي ڌي صنم چانڊيو کي ڇڏي فرار ٿي ويا۔
ايس ايڇ او رفيق کيڙو وڌيڪ چيو ته بازياب ڪرايل فهميده چانڊيو کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته عورت فهميده چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته ٽي سال اڳ مڙس کي قتل ڪري مون کي اغوا ڪرڻ بعد بلوچستان ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ترسايو ويو . جوابدار اڄ صبح ڪراچي وٺي وڃي رهيا هيا ته پوليس کي ڏسي رڙيون ڪيون جنهن بعد مون کي ڇڏي فرار ٿي ويا۔