ڪورونا وائرس صورتحال: وڌيڪ 9 ڄڻا فوت، 391 ٻيا متاثر

0
205
coronavirus sindh

ڪراچي : گذريل 24 ڪلاڪن م ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 4276 ٿي ويو آهي جڏهن ته 12205 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 391 نوان جيس سامهون آيا، ها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري بيان ۾ ٻڌائي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس  جا وڌيڪ 9 مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جو تعداد 4276 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 12205 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 391 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 3.2 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2926532 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 255429 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 93 سيڪڙو يعني 238498 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 468 مريض به شامل آهن۔ وڏي وزير چيو ته هن وقت 12655 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 12214 گهرن ۾، 9 آئسوليشن سينٽرن ۽ 432 مختلف اسپتالن ۾ آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته 394 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي بڌائي وئي جن ۾ 54 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 391 ڪيس مان 226 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 76، ضلع ڏکڻ 63، ضلع سينٽرل 29، ضلع ملير 25، ضلع اولهه ۽ ضلع ڪورنگي 15-15 ڪيس آهن. حيدرآباد 30، شڪارپور 15، بدين 13، دادو ۽ ٺٽو 11-11، گهوٽڪي ۽ سجاول 10-10، مٽياري 9، جيڪب آباد، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان 5-5، قمبر 4، ڪشمور، خيرپور، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ سکر 3-3، ڄامشورو، نوشهروفيروز ۽ عمرڪوٽ 2-2 ۽ شهيد بينظير آباد هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.  وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here