ڳوٺ ياروديرو جو رهواسي پورهيت عوامي پريس ڪلب وڳڻ پهچي بااثرن پاران گهر جي پلاٽ مان گهٽي ٺاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

0
194

وڳـــــڻ وي اين ايس نــــــــيوز
رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ ڀرسان ڳوٺ ياروديرو جو رهواسي پورهيت مٺل ٻرڙو عوامي پريس ڪلب وڳڻ پهچي بااثرن پاران زوري گهر جي پلاٽ مان گهٽي ٺاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته مان غريب آهيان مان ٽي سال اڳ حبيب الله پنهور کان پلاٽ ورتو هو جنهن جو ايگريمينٽ به پڻ موجود آھي۔

با اثر شخص هاڻي مونکي زبردستي چون ٿا ته پنهنجي خريد ڪيل پلاٽ مان گهٽي جي لا۽ رستو ڏئي جڏھن ته مان پنهنجي خريد ڪيل پلاٽ تان گهٽي لا۽ 3 فٽ ڏنا آھن جيڪا لکت ۾ به ناهي ته مونکي گهٽي لا۽ رستو ڏيڻو آھي پر هاڻي منهنجي مٿان پريشر وجهي زبردستي منهنجي خريد ڪيل پلاٽ تان گهٽي لا۽ رستو وٺن پيا مان پنهنجي ورتل پلاٽ ۾ اڏاوت ڪرڻ وقت ٽي فٽ گهٽي جا ڇڏي پو۽ اڏاوت ڪئي هئي جيڪا اسان ٻنهي ڌرين جي ٻولي ٿيل آھي ۽ اهڙو ايگريمنٽ پڻ ٿيل آھي جڏهن ته هن وقت منهنجي ڳوٺ جا رئيس ديدار پنهور ۽ نظام دين پنهور مونکي ڌمڪائي رهيا آھن ته گهٽي تون ڇھ فوٽ ڇڏ نه ته اڏاوت بند ڪر هن وقت مان ان پلاٽ تي پنهنجي ٻچڙن جي لا۽ گهر به ٺاهيو آھي ۽ هاڻي جيڪا اڏاوت ٺھيل آھي اهو ڪئين ٿو ختم ڪري سگهان مون سان ظلم ٿو ڪيو وڃي۔

مان محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جي اجهي لاء پلاٽ ورتو هن مهنگائي جي دور ۾ جڏهن ته گهٽي جي لا۽ رستي لا۽ ڪابه ٻولي ناهي ٿيل پر انه باوجود به مان پنهنجي راضپي سان گهٽي لا۽ 3 فٽ ڏنا آھن ۽ هاڻي اڃان وڌيڪ گهرن پيا گهٽي لا۽ رستو ۽ مونکي ڌمڪايو ٿو وڃي احتجاج ڪندڙ پورهيت محمد مٺل ٻرڙو ايس ايس پي قمبر کي پرزور اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته خدارا نوٽيس وٺي مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here