وائيلڊ لائيف کاتي طرفان شڪارين خلاف ڪريڪ ڊائون وڳڻ ڀرسان پکو ڍنڍ تي ڇاپو

0
237

وڳڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وائيلڊ لائيف کاتي طرفان شڪارين خلاف ڪريڪ ڊائون وڳڻ ڀرسان پکو ڍنڍ تي ڇاپو شڪارين کي شڪار ڪيل ناياب پکين سميت سوگھو ڪري ورتو۔

وائيلڊ لائيف قمبر تعلقي جو انچارج شير محمد مغيري جي اڳواڻي ۾ قمبر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا ھڻي رياض علي لاکير کي شڪار ڪيل پرديسي ناياب آڙي پکين سميت سوگھو ڪري ورتو، ڇاپي دوران ٽيم شڪار ۾ استعمال ٿيندڙ ڄار ۽ ٻيو سامان پڻ ھٿ ڪري گرفتار جوابدارن کي پکو شھر ۾ واقع قديمي لنگھ ڍنڍ تي آندو جتي وائيلڊ لائيف کاتي جي محمد صالح کچي برڪت ميراڻي ۽ مشتاق تيوڻو لنگھ ڍنڍ انچارج شير محمد مغيري جي موجودگي ۾ ھٿ ڪيل پرديسي پکين کي لنگهه ڍنڍ ۾ آزاد ڪيو ويو۔

ٻئي طرف وائيلڊ لائيف کاتي جي انسپيڪٽر شير محمد مغيري جوابدار شڪارين مٿان قانون مطابق ڏنڊ مقرر ڪري ڏنڊ جي رقم وصول ڪئي وئي ان موقعي تي وائيلڊ لائيف کاتي جي انسپيڪٽر شير محمد مغيري صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته قمبر جي سڀين ڍنڍن تي وائيلڊ لائيف عملو مقرر ڪري اتي ايندڙ سائبيريا روس ايران آذربائيجان ترڪمانستان ۽ پورپي ملڪن کان پرديسي پکين جي تحفظ ڪئي ويندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here