شفقت حسين انڙ جو پ پ ۾ شموليت بعد ڳوٺ پهچڻ تي شاندار استقبال

0
168

ڏوڪري: شفقت حسين انڙ جي پ پ ۾ شموليت بعد ڳوٺ پهچڻ تي شاندار استقبال، مٿن گلن جي ورکا، باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان قافلن جي صورت ۾ سندس حمايتي انڙ هائوس علي آباد پهتا۔ خبر موجب شفقت حسين انڙ پي ٽي آئي کي ڇڏي پ پ ۾ شموليت بعد ڳوٺ پهچڻ تي سندس حمايتين پاران شاندار استقبال ڪري مٿس گلن ورکا ڪئي وئي۔

ان سلسلي ۾ باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقي جي مختلف شهرن، ڳوٺن خير محمد آريجا ، ڳيريلو ، پٺاڻ ، مڏباهو ،حيدر بروهي، محمد حيات بروهي ، خميسو خان خاراني ، ٽاٽڙي ، ڪاراڻي ،ٻلهڙيجي ، رشيد وڳڻ ، محراب سنديلو ، رحيم ٻگھيو، قلندر آباد ، پراڻو آباد ،ھٽڙي غلام شاهه ، نئون آباد ، ماهي ڀٽا، پير جو ڳوٺ ٺلاهه شريف، سيهڙ ، ويهڙ، ڇتو واھڻ، محراب پور، سيد بچل شاهه، ملان ابڙا، گنجا تنيا ،گل محمد تنيو، حسين آباد، راوت خان ابڙو، خير الدين جتوئي، يار محمد بروهي، ڪنبي، ابو صمد ، بگي، ٻنڍي، باقراڻي اسٽيشن ، بکو ديرو ، ٿريچا، عمر ڀيو، گاهي ڪلهوڙا، وڌو لاشاري، دائم مشوري، غازي مشوري ، محمد علي بروهي سميت مختلف علائقن مان ٻرادرين ۽ ڳوٺن جي چڱن مڙسن پاران قافلن جي صورت ۾ علي آباد پهچي حاجي شفقت حسين انڙ کي پ پ ۾ شموليت ڪرڻ تي گلن جا هار پارائي مبارڪ باد ڏني وئي۔

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ پاران انڙ هائوس علي آباد پهتل سڀني همدردن جا ٿورا مڃندي چيو ته سڀني ڀائرن، دوستن ۽ بزرگن جو ٿورائتو آهيان جيڪي انڙ هائوس علي آباد پهچي مان ڏنو آهي، هن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي جيڪا عوامي سياست تي يقين رکي ٿي، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چئيرمين آصف علي زرداري ۽ ميڊم فريال ٽالپر جي قيادت تي يقين رکي علائقي جي عوام جي خدمت جاري رکبي جنهن لاءِ انڙ هائوس علي آباد جا دروازا عوام لاءِ 24 ڪلاڪ کليل آهن، هن چيو ته پي ٽي آئي کي ڇڏڻ جو مقصد سنڌ جي ٻيٽن ۽ ٻين وسيلن تي وفاق جي قبضي سميت سنڌ سان ٿيل ناانصافيون آهن، جيڪا مون سميت ڪوبه سنڌي برداشت نه ڪندو۔

هن چيو ته پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي، ان موقعي تي سيد نعيم اختر شاهه راشدي ، سيد پڃل شاهه، مير نور احمد بروهي، امان الله ڪلهوڙو، الاهي بخش بروهي، محمد نواز بروهي، حاجي غلام شبیر جتوئي، فقير مٺل جهتيآل، نور محمد بليدي ، حاجي نظر محمد بروهي، سيد وقار شاھ، وڏيرو شبير ابڙو، شهبان ابڙو ، محمد عالم تنيو ،حاجي علي شير خاراني، حاجي علي نواز خاراني، حاجي گلاب خاراني، مير رسول بخش خاراني سميت ٻيا پڻ موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here