پيپلزپارٽي وارن کي سنڌ ۾ حڪومت هلائڻ جي خبر ناهي، عادل حسين انڙ

0
158

ڏوڪري: انڙ گروپ جي سرواڻ عادل الطاف حسین انڙ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي وارن کي سنڌ ۾ حڪومت هلائڻ جي خبر ناهي، سنڌ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٿي وئي، عوام بک بدحالي جي ور چڙهي ويو آهي اهڙو اظهار هن ڪالھ ڏوڪري ۾ جوڳي برادري جي چڱي مڙس کي پڳ ٻڌائي رسم بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي وارن اسيمبلي ۾ ڪارونجهر جبل کي ليز ڪري وڪرو ڪري رهي آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي ڪوبه رليف نه ڏئي سگهي آهي ويتر مهانگائي ، بيروزگاري توڙي بک ۽ بدحالي تحفي ۾ ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ آبادگار طبقو فاقا ڪشي ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، آبادگارن کي جنس جا مناسب اگھ به نه ٿا ڏنا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته انڙ خاندان هيمشہ عوام جي حقن لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي، عوام سان انڙ خاندان ڏکڻ سکن ۾ گڏ رهيو آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي وڏڙن به ڏوڪري باقراڻي ۽ لاڙڪاڻي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي اسان به پنهنجي وڏڙن جي نقشي قدم تي هلندي عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي 15 سالن جي حڪومتي دور ۾ ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن ۾ ڪي به ترقياتي ڪم ناهيان ڪرايا۔

ان موقعي تي اڳوڻو ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، چئمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالحميد جيسر، فدا حسين ابڙو، پ ٽ الف اڳواڻ ضمير حسين ڀٽي، رئيس مظفر چانڊيو، بشير احمد شيخ، علي اصغر ميمڻ، مير شڪيل بروهي، ذوالفقار علي جتوئي ۽ ٻيا گڏ هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here