نوڪوٽ ڀرسان لڳل گھارو بند ڪرڻ لا۽ لاڳاپيل کاتن جي سربراھن کي فوري اپاء وٺڻ جي ھدايت

0
165

مٺي: ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوھو ممبر صوبائي اسمبلي ارباب لطف الله ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايل بي ڊي ظھير ميمڻ سان گڏ نوڪوٽ جي ويجهو سم نالي کي لڳل گھاري واري ھنڌ پھچي وياـ گھارو بند ڪرڻ لا۽ لاڳاپيل کاتن جي سربراھن کي فوري اپاء وٺڻ جي ھدايت ايل بي او ڊي کي آرڊي 286 وٽ لڳل گھارو بند ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن ايل بي او ڊي ۽ روينيو جو عملو پھچي ويو گھارو بند ڪرڻ وارو ڪم جاري آهي ـ

انھي موقعي تي ممبر صوبائي اسمبلي ارباب لطف الله چيو ته ايل بي او ڊي سيم نالو واپڊا جو ناڪام پروجيڪٽ آهي جنھن ۾ پاڻي کڻڻ جي گنجائش 4 ھزار ڪيوسڪ آهي جڏهن ته ھن وقت سم نالي ۾ پاڻي 10ھزار ڪيوسڪ ھلي رھيو آهي جيڪو گھارن جو سبب بڻجي پيو چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي جلد ايل بي اوڊي جي ري ماڊلنگ تي ڪم شروع ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ نقصانن کان بچي سگهجي ـ

ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر انهيَ موقعي تي چيو ته ضلعي انتظاميا بلڪل تحرڪ ۾ آهي ته ماڻهن کي مشڪلات مان ڪڍي سگهجي ۽ انهن جي ٻيھر بحالي عمل ۾ آڻي سگهجي ـ انھي موقع تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر راجيش ڪمار ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود ھئاـ

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here