ڏوڪري
ڏوڪري سب ڊويزن ۾ سيپڪو جو آپريشن، غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽا، 2 لک روپيا ڏنڊ. تفصيل مطابق سيپڪو سکر جي ٽيم ايس ڊي او ڏوڪري نظير شيخ ۽ ايل ايس اختيار سوھو سان گڏجي ڏوڪري سب ڊويزن ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن ۽ نان پيمينٽ خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيترائي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽا ڪندي بجلي چورن مٿان ٻه لک روپيا ڏنڊ وڌو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سيپڪو سکر ٽيم جي انچارج احمد سلطان چيو ته بجلي چوري ڪنھن بہ صورت۾ برداشت نه ڪئي ويندي، سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو ته ڏوڪري سميت بجلي چوري تي ضابطي ۽ بل جمع ڪرائيندڙ فيڊرن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، صارفين جي جائز شڪايتن جو بروقت ازالو ڪري کين رليف مھيا ڪيو پيو وڃي۔