پٽن زرعي زمين مان فصل کڻڻ تان پنھنجي پيرسن پيءُ کي ڏنڊا ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو

0
165

وڳڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ لڳ ڳوٺ ھني تنيو ۾ نا فرمان پٽن زرعي زمين مان فصل کڻڻ تان منع ڪرڻ تي پنھنجي پيرسن پيءُ کي ڏنڊا ھڻي کيس سخت زخمي ڪري وڌو، جوابدار پٽن سعيد ۽ نور محمد عرف ڪراڙو تنيو پاران زرعي زمين جي ساريالي فصل کڻڻ کان روڪڻ جي معمولي ڳالھ تان پنھنجي سڳي پيءُ 55 سالا شگر جي مريض حاجي انور تنيو کي ڏنڊا لتون ۽ مڪا ھڻي سخت زخمي ڪري وڌو۔

جنھن کي ڳوٺاڻن پھچي بچائي ورتو اھڙي واقعي بعد زخمي حد جي ڊرگھ ٿاڻي تي پھتو ته مخالفن جي چرچ تي زخمي کان اڳ ئي ٿاڻي پھتل سندس پٽ جي فرياد جو چئي ڊرگھ پوليس انوکو ڪارنامو ڪري فريادي پيرسن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏھن ته پوليس پاران مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته ھُو پنھنجي پٽن خلاف ڪجھ به نه ڪري جڏھن ته سندس وارثن ننڍي پٽ مصور تنيو ۽ سندس نياڻي صبا پاران اعلا عملدارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي۔

پنھنجي زرعي زمين مان ساريالو فصل کڻڻ کان روڪڻ تي ھُنن ڪيترن ئي ماڻھن اڳيان مونکي تشدد جو نشانو بڻائي سخت مارڪٽ ڪئي آھي، اھڙي شڪايت کڻي جڏھن ڊرگھ ٿاڻي تي پھتس ته پوليس اھلڪارن وري مونکي ئي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جيڪا مون مسڪين سان تمام وڏي ناجائزي آھي۔ متاثر پئي آء جي سنڌ، ايڊيشنل آء جي سکر، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي فوري جوابدار پٽن ۽ کين چرچ ڏيندڙن مٿان ڪيس داخل ڪري مونکي پنھنجي ٻچڙن سميت تحفظ فراھم ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here