وفاق سنڌ جي بجيٽ تي 229 ارب رپين جو ڌاڙو هنيو

0
201
CM Sindh

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) گهٽ روينيو ڪمايو جنهن جو سبب حڪومت جي نااهلي آهي ۽ پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي لاءِ حڪومت کي ڪورونا وائرس ملي ويو آهي.

سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم هال ۾ پوسٽ بجٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مڪاني چونڊون صوبائي حڪومت جي فيصلي تي آهي ۽ 18هين ترميم کي آئيني تحفظ حاصل آهي.

هن چيو ته سنڌ جو ڪاٿي کان گهٽ رقم بجيٽ ۾ ڏني پئي وڃي. گذريل سال اسان متوازن بجيٽ ڏني هئي پر هن سال ڪورونا جي ڪري نقصان ٿيو جڏهن ته ان کان سواءِ ٿيل نقصان وفاقي حڪومت جي نااهلي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان کي هن سال وفاق کان 229 ارب رپيا گهٽ ملندا، ان کي 229 ارب جو ڌاڙو نه چئون ته ٻيو ڇا چئون.

هن چيو ته وفاق جيڪري ترقياتي بجيٽ گهٽ ڪرڻي پئي ۽ صوبن وٽ وسيلا نهن جو جي ڊي پي جو حساب لڳائن.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته تعليم جي بجيٽ کي گهٽ ناهي ڪيو، 700 اسيڪيمون جيڪي ايندڙ سال مڪمل ٿينديون انهن جي فنڊنگ ٿيندي جڏهن ته صحت جي شعبي تي ايندڙ مالي سال ڀرپور ڌيان آهي ان ڪري سواءِ هيلٿ جي ڪنهن شعبي ۾ ڪا نئين اسڪيم ناهي ڏني.

هن وڌيڪ چيو ته مون تي الزام هنيو ويو ته مسجد بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عالمن سان ڳالهيون ڪيو جنهن تي هنن جو ٿورائتو آهيان.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان جي موت ۽ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ وارو عمل تيز آهي ان ڪري وزير اعظم عمران خان کان درخواست آهي ته حياتيون بچائڻ لاءِ بندوبست ڪري.

هن چيو ته ڏکين حالتن ۾ سرڪاري ملازمن کي اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون ان ڪري هنن جون پگهارون وڌايون.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪورونا متاثرن کي 23 ارب ڪيش ريليف سهولت ڏينداسين، 5 ارب انڊسٽريز جي معرفت ننڍن واپارين کي قرض ڏينداسين جيڪي ڪورونا مان متاثر ٿيا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here