عرضي ڀٽو شھر ۾ نوجوان نسل منشيات واپرائڻ سبب تباهي ڪناري پھچي ويو ميخانن تي نوجوانن جي رش

0
316

رپورٽ : علي مدد لاشاري

سجاول جوڻيجو :عرضي ڀٽو شھر ۾ نوجوان نسل منشيات واپرائڻ سبب تباهي ڪناري پھچي ويو ميخانن تي نوجوانن جي رش جنھن سبب نوجوان نسل تيزي سان تباهي ڪناري پھچي ويو منشيات سرعام واپرائڻ لڳا پوليس ڀتو وٺڻ ۾ پوري شھر جو مقامي منشيات فروش گھر اندر منشيات هلائڻ خاطر عرضي ڀٽو جي سوين جوانن کي تباهي طرف ڌڪاري ڇڏيو شھر اندر ميخانن تي اڪثر نوجوان موالين جي رش لڳل آهي۔

پوليس ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي چڪي آهي شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ عمران قريشي کان گھر ڪئي آهي تہ منشيات وڪرو ڪندڙ گروھ سميت واپرائيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سزا ڏني وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here