ايس ٽي پي جي سڏ تي وارھ سميت لعلورائنڪ، وڳڻ، گاجي کهاوڙ ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف مڪمل شٽر بند ھڙتال

0
200

وارھ / لعلورائنڪ رپورٽ : قاضي مظفر / روشن علي مغيري

سڄي سنڌ جيان ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي وارھ سميت تعلقي جي ننڍن شھرن لعلورائنڪ، وڳڻ، گاجي کهاوڙ ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪيو ويو ، ٻڌي ۽ سنڌي ھُجڻ جو ثبوت ڏيندي شھر واسين ڪاروبار بند ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن مظھر ڇٽو، عبدالنبي چانڊيو، مرتضيٰ چانڊيو ۽ ٻين چيو آھي ته سنڌ جا جوڌا پُٽ اھو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندا ته سنڌ جي ملڪيت تي ڌاريا قابض ٿين ، ايس ٽي پي پاران سڄي سنڌ ۾ ھڙتال جو سڏ ڏنو ويو آھي، جڏھن ته ايس ٽي پي جي ڪارڪنن وارھ شھر بند ڪرڻ تي شھر واسين جا ٿورا مڃيا آخر ۾ ڪارڪنن اھوچتاءُ ڏيندي چيو آھي ته صدارتي آرڊينس واپس نه ورتو ويو ته دما دم مست قلندر ڪيو ويندو۔

لعلورائنڪ : سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ايس ٽي پي طرفان سموري سنڌ اندر ڏنل شٽر بند هڙتال واري سڏ تي لعلورائنڪ شهر ۾ به مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي ، صبح سان ئي شهر جو سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ايس ٽي پي جي ڪارڪنن دلبر پيچوهو، فياض ٻوهيو، ممتاز شيدي، مرتضيٰ بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪيو ويو ۽ ٻيٽن تي وفاقي جي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪندي شهر جي مک رستن جو گشت ڪيو۔

ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ڪارڪنن چيو ته وفاق سائين سنڌ جا وسيلا لٽيندو ۽ ڦريندو رهيو آهي، هاڻي وري پنجاب وري وفاق جي نالي سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر جيسيتائين سنڌ جو هڪ به فرد زنده هوندو تيسيتائين سنڌ جا ٻيٽ ڪنهن به صورت ۾ وفاق حوالي ڪرڻ نه ڏبا، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور سنڌ جي ٻيٽن جي وڪري جي سازش ختم ڪري سنڌي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. نه ته ٻئي صورت ۾ هي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here