روشن علي مغيري
لعلورائنڪ (رپورٽر) لعلورائنڪ ۾ پورهيت طاهر پيچوهو جو ٻارن سميت لعلورائنڪ بينڪ انتظاميا خلاف احتجاج۔ تفصيل موجب، لعلورائنڪ ۾ ڳوٺ پيچوها جي رهواسي طاهر پيچوهو ايم سي بي بينڪ لعلورائنڪ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو هن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته جيئن ته ايم سي بي بينڪ لعلورائنڪ وارن مون کي بينڪ ۾ ڀرتي ڪيو هيو پر پگهار هر مهيني نه ملندي هئي ۽ هر مهيني جڏهن مان مينيجر کان پگهار جي گهر ڪندو هيس ته هو نذرانداز ڪري ڇڏيندو هيو نيٺ هنن مون کي ڏھ مهينن کان پوءِ نوڪري جو جواب ڏنو۔
اهڙي طرح مون کي ڏھن مهينن جون پگهارون به ڏنيون پگهار جي ڪري ويتر مون کي نوڪري کان فارغ ڪيو ويو، هن اعلا اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته بينڪ وارن کان مون کي ڏهن مهينن جون رهتون وٺي ڏين مان پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندو آهيان مان مسڪين ڪهڙو ڏوه ڪيو۔