ڏوڪري: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ مجلس عزا، سينازني، زنجيرن زني ۽ باھ جي عزاداري ڪئي وئي ڏوڪري ڀرسان ڪربلا جي 72 شهيد جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ باني زاهد ابڙو، اعجاز ابڙو، پرويز ابڙو، ڪرڙو ابڙو، فقير نوڪر عباس جي اڳواڻي ۾ الحسيني امام بارگاھ مان ماتم جلوس ڪڍي ويو، ماتم جلوس ۾ ڳوٺ جي مختلف گهٽين مان گذر ڪندي مين چوڪ تي عزادارن زنجيرن، چاقن ۽ گلزن سان عزاداري ڪري ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏنو۔
هوڏانهن عزادرن الحسيني امام بارگاھ ۾ باھ ٻاري باھ جو ماتم ڪيو. ان موقعي تي تي ماتمي جلوس جي باني زاهد ابڙو جو چوڻ هو ته ڪربلا حق جو رستو آهي اسلام جي بقا مولا حسين عليه السلام آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته مولا حسين عليه السلام ناني آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي کي بچائڻ لاءِ پنهنجي آل ۽ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي اسلام کي بچايو آهي۔