ڪورونا ڪيس وڌڻ تي وڌيڪ پابنديون لڳائي سگهون ٿا: مراد علي شاهه

0
255
CM Sindh

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا ڪيسز وڌڻ تي صوبي ۾ وڌيڪ پابندين جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا ايس او پيز کي فالو نه ڪيو ويو ته وبا تيزي سان پکڙجي سگهي ٿي۔ هن جو چوڻ هو ته گڊز ٽرانسپورٽ کي روڪڻ جو ناهي چيو صرف پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابنديون لڳايون ويون آهن جيڪڏهن صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي ته وفاق کان پبلڪ ٽرانسپورٽ تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو چونداسين، اڳ به وفاق کي چيو هو ته بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪئي وڃي۔

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان ماڻهن جي ويڪسينيشن نه پيا ڪري سگهون هي وڏي ناڪامي آهي ويڪسينيشن کان پوءِ به وائرس کان بچڻ جي لاءِ احتياط کي نه ڇڏيو، معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه چيو ته حڪومت اسٽيٽ بينڪ کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي هاڻ هو ڪنهن جي آڏو جوابده ناهي۔

اسٽيٽ بينڪ کي ايترو طاقتور ڪري ڇڏيو آهي جو ان  معاملي ۾ ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي، مراد علي شاهه چيو ته 50 لک نوڪريون ته نه مليون پر ملڪ ۾ بيروزگاري لاڳيتو وڌي رهي آهي۔ معاشي بحران مان نڪرڻ جا ٻيا به ڪيترائي طريقا موجود آهن، موجوده حڪومت جي پاليسين سبب ملڪ جي معاشي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here