وارھ رپورٽ: قاضي مظفر
تازو بارشن وارھ تعلقي ۾ سارين جي فصل کي تباھ ڪري ڇڏيو هزارين ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل سڙي تباھ ٿي ويو زمين ۾ پيل هارين آبادگارن جا لکين روپين جا ھاءِ برڊ ٻج ۽ ڀاڻ زنگ سڀ زايع ٿي ويا آبادگارن جا مٿي تي هٿ حڪومت طرفان ڪاب واهر نه ٿي، تفصيل موجب وارھ تعلقي جي ديھ وارھ ديھ جوڻاڻي ديھ بشارت سميت سڄي تعلقي ۾ بيٺل ساريالو فصل تازو وسندڙ تيز بارشن سبب مڪمل تباھ ٿي ويو صحافين سان ڳالهائيندي آبادگارن غلام سرور ،منظور سوڍر، رجب ڀٽو ،صفر سوڍر،۽ ٻين چيو ته اسان زمين ۾ لکين رپين جا ٻج وٺي رونبو ڪرايو ۽ ان ۾ ڀاڻ زنگ ۽ زهر به وڌا هيا اچانڪ آيل بارشن ڪري زمين ۾ گهڻو پاڻي بيهجي ويو جنهن ڪري زمينن ۾ گهڻو پاڻي بيهجو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي اسان جو فصل سڙي تباھ ٿي ويو هنن وڌيڪ چيو ته اسان آبادگار سمورا پئيسا سارين جي فصل تي لڳائيندا آھيون ۽ ان جي اُپت مان پنهنجو گذر صفر ڪندا آھيون هاڻي ته اسان وٽ ڪجھ ناهي بچيو، آبادگارن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سروي ڪرائي اسان جي ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائي اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي۔