ڳوٺ ھريار ۾ بيمارين سبب مال مرڻ ۽ سال گذري وڃڻ باوجود مال جا ڊاڪٽر ۽ ٿرپارڪر ۾ ھلندڙ ٽيمون نه اچڻ خلاف احتجاج

0
266

ٿرپارڪر رپورٽ: جنيد آزاد

ڳوٺ ھريار ۾ ڳوٺاڻن پاران بيمارين سبب مال مرڻ ۽ سال گذري وڃڻ باوجود مال جا ڊاڪٽر ۽ ٿرپارڪر ۾ ھلندڙ ٽيمون نه اچڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو۔ احتجاج ڪندڙن ڳوٺاڻڻ جو چوڻ آھي ته اسان وٽ سال گذري وڃڻ باوجود ڪو به ڊاڪٽر يا ساليانا ٿيندڙ وئڪسين ڪندڙ ڪندڙ ٽيمون ناھن پھچي سگھيون جڏھن ته ٽي ڏينھن ۾ 15 ٻڪريون بيماري سبب مري چڪيون آھن ۽ ٻيو چوپايو مال جيڪو بيماري ۾ مبتلا آھي پر سرڪار کان وٺي ڪو نمائندو يا لوڪل ماڻھو ۽ ڊاڪٽر اچڻ ۽ اسان جي ٻڌڻ لاء تيار ناھن۔

احتجاج ڪندڙ ڌنارن جيڪا مئل ٻڪريون سامھون رکي احتجاج ڪندي چيو ته اسان غريبن جو گذر سفر مقل تي آھي پر ھن سال آسماني بجلي لرڻ سبب اسان جو مال مري چڪو آھي ۽ قدرتي آفتن ڪر کنيو آھي, مڪڙن جو ڏمر اسان تي قھر وانگر ڪري پيو آھي اسان جو گذر سفر صرف چوپائي مال تي وڃي بچيو آھي پر تير جي بيماري اسان جي مال کي ڪيڙي وانگر کائي رھي آھي جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آھي۔ ڳوٺاڻن ھرگڻ، جواھر لال، آڏو مل ۽ ٻين جو چيو آھي ته اسان جي ڳوٺن ۾ ڊاڪٽرن جو ٽيمون موڪلي اسان جي مال کي مرڻ کان بچايو وڃي۔

ٿرپارڪر وٽنري کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر نئون چارج سنڀالڻ جي ڪري اڃان تائين ڳالھ ناھي ٿي سگھي ٻئي طرف ايپ پراجيڪٽ جي چارج سنڀاليندڙ جو جوقب ڏيڻ کان انڪار. گذريل ٽي مھينن کان چارج سنڀاليندڙ لجپت ڏيپلائي جو چوڻ آھي اسان جي پراجيڪٽ بابت سوال ڪرڻ جي ضرورت ناھي ٽي مھينا ٿيا آھن مون ڪو ڪم ناھي ڪيو، گذريل چارج سنڀاليندڙ ڊاڪٽرن کان وڃي سوال ڪيو مون وٽ ٽائيم ناھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here