سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس سبب تعليمي ادارا بند ڪرڻ ۽ ساليانا امتحان ملتوي ڪرڻ خلاف شاگرد روڊن تي نڪري آيا

0
154

سڪرنڊ(رپورٽ گل محمد ملاح)

سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس سبب تعليمي ادارا بند ڪرڻ ۽ ساليانا امتحان ملتوي ڪرڻ خلاف شاگرد روڊن تي نڪري آيا . گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سڪرنڊ ۽ ٻين اسڪولن جي سوين شاگردن عامر ڪيريو ، ولي الله لغاري ، باسط لغاري ، طالب عباسي ، بلاول لاکو ، گل محمد جلباڻي ، فرحان خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي . ان موقعي تي مٿين شاگرد اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن سالن کان لاڪڊائون سبب سنڌ جا تعليمي ادارا بند آهن جنهنڪري تعليم تباه ٿي وئي آهي ۽ شاگردن جو مستقبل برباد ٿي چڪو آهي . هنن چيو ته 2020ع ۾ بنا امتحان وٺڻ جي شاگردن کي پروموٽ ڪيو ويو ۽ هن سال به شاگردن جا بغير پڙهائيءَ جي امتحان ورتا ويا پئي پر اهي امتحان به لاڪ ڊائون سبب ڪينسل ڪيا ويا آهن هنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کان مطالبو ڪندي چيو ته ايس او پي تحت تعليمي سرگرميون بحال ڪيون وڃن ۽ شيڊول موجب پيپر ورتا وڃن ، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here