سڪرنڊ ( گل محمد ملاح )
ڪورونا وائرس جديد دنيا جو جديد هٿيار آهي ان کان احتياط ضروري آهي ، ڪورونا جي آڙ ۾ اسان کي پاسيرو نه ڪيو وڃي ، 13 آگسٽ تي ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو ، اسان جو اعلان برقرار آهي . اها ڳالھ جمعيت علماء اسلام صوبي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو مدرسه عبدالله بن مسعود سڪرنڊ ۾ ضلعي شهيد بينظير آباد جي مجلس عمومي جي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي . هن چيو ته ضلعي نوابشاه مان هزارن جي تعداد ۾ جي يو آءِ جا ڪارڪن ڪراچي پهچندا . هڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته منشيات کي پروان چڙھائڻ وارا سڀني کي خبر آهي ته ڪير آهن . وزير اعلٰى سنڌ به پنهنجي نا اهليءَ جو ذڪر ڪري ٿو . اڄ شھرن کي رينجرس حوالي ڪيو پيو وڃي ، سڀاڻي اسپتالون ۽ ٻيا ادارا به رينجرس کي ڏنا ويندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي نالي تي خزاني مان ڪورونا جو بهانو ڪري اربين رپيا ڪڍرايا . جمعيت ان جي مخالفت ڪري ٿي . ڪاٺوڙ کان نياڻيون ۽ ٻچا پيرين پنڌ پنهنجن شهرن ڏانهن سواري نه هئڻ سبب نڪري پيا آهن۔
ڪورونا جي آڙ ۾ ماڻھن سان ويڌن ڪئي پئي وڃي . اسين اهو چونداسين ته وڌ ۾ وڌ ويڪسينيشن سينٽر قائم وڃن . هن چيو ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول يا عمران جلسه ڪن ٿا ته ڪورونا نٿي اچي ، مگر هي سڀڪجه 13 آگسٽ جي پي ڊي ايم جي جلسي کي ناڪام ڪرڻ لاء ڪيو پيو وڃي . تيغو خان تيغاڻي سان ملاقات جي حوالي سان هن چيو ته تيغو خان تيغاڻي منهنجي تڏي تي آيو ته ٻن مسئلن تي ڳالهايو ويو جن ۾ سنڌ کي قبائلي جهيڙن کان ڪيئن بچائچي ، ٻيو لساني ، قبائلي ، مذهبي بنيادن تي جدوجهد جاري رکي ويندو . 25 جولاءَ 2021 کي وري دهرايو ويو آهي ، پ پ پ خود تسليم ڪيو آهي ته اسان کي 16 سيٽن جو آسرو ڏنو ويو هو پوءَ 11 ڇو ڏنيون ويون، ان مان واضح آھي ته آزاد ڪشمير جي چونڊ اليڪشن نه پر سليڪشن هئي۔
ھن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن کي ڳچيءَ کان جهليو وڃي جن سنڌ لٽي آهي . انهن سنڌ ۾ ايتري ڌاري آباد ڪاري ڪئي آهي جو مستقبل ۾ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا . فاٽيف ۾ پاڪستان وائيٽ لسٽ مان گري لسٽ ۾ اچي ويو ۽ پوء پاڪستان کي 22 شرط لکي ڏنا ويا ، مگر اسين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان مدارس جي آزادي تي ڪو به وار برداشت نه ڪنداسين . هن چيو ته شهيد خالد محمود سومري جو ڪيس سياسي جماعتن جي ٽيبل تي ناهي اهو عدالت ۾ آهي ، خبر ناهي ته فيصلي ڏيڻ ۾ دير ڇو پئي ٿئي ؟ پر اسان عدالتن تي يقين رکون ٿا . هن چيو ته جيڪي نياڻيون گهران نڪري شاديون ڪن ٿيون پوءِ اهي ڪهڙي به مذھب يا ذات سان تعلق رکندڙ ھجن ، جمعيت ان جي مذمت ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي ان لاءِ قانون جوڙيو وڃي . پريس ڪانفرنس وقت ضلعي صدر عبدالقيوم چنا ، مولانا عبدالڪريم بروهي ، مولانا علي نواز پرهياڙ ، عبدالرشيد پرهياڙ ، ارشاد ڪلر ، مولانا شفيق احمد جمالي ۽ ٻيا موجود هئا۔