ٿولهه تي تنقيد کانپوءِ ٽي وي تي ڪم نه ڪرڻ جو سوچيو هو: صنم جنگ

0
48

اداڪارا ۽ ميزبان صنم جنگ چيو ته پنهنجي ٻار جي پيدائش وقت وزن وڌڻ کانپوءِ کيس جسماني ٿولهه تي طعنا ڏنا ويندا هئا ته ان وقت هن ٽي وي تي ڪم ڪرڻ طئي ڪري ورتو.
نجي رسالي کي انٽرويو ڏيندي صنم جنگ جو چوڻ هو ته عورتن کي جسماني ٿولهه تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته فيشن هائوسز وٽ به ٿلهين عورتن لاءِ سٺا ڪپڙا ناهن هوندا.


هن اعتراف ڪيو ته جڏهن ٻار جي پيدائش کانپوءِ سندس وزن وڌيو ته فيشن ڊيزائنرز وٽ هن جي سائز جا ڪپڙا نه هوندا هئا.
اداڪارا ۽ ميزبان چيو ته وزن وڌڻ کانپوءِ کيس سوشل ميڊياتي به ٽوڪ کي منهن ڏيڻو پيو هو جنهن تي سندس ذهني صحت متاثر ٿي هئي.
ميزبان موجب هوءَ اڳ ئي ٻار جي پيدائش سبب ڊيپريشن جو شڪار ٿي هئي ۽ کيس تنقيد ٻڌي وڌيڪ پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پيو هو.
هن چيو ته ماڻهن جي تنقيد کانپوءِ هن طئي ڪيو ته هاڻي ٽي وي تي ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان ۾ سندس مڙس به ساٿ ڏنو.
ميزبان انڪشاف ڪيو ته ماڻهن جي تنقيد کانپوءِ ٻيهر مارننگ شو شروع ڪيو ته هوءَ پنهنجي وڌيل وزن سبب خوفزده هئي، پروگرام جي دوران ڪرسيون سامهون رکي جسم کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
صنم جنگ چيو ته معاشري جي عام ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته سنهڙي ڇوڪري خوبصورت هوندي آهي ۽ شوبز ۾ به اهو ئي سمجهيو ويندو آهي ته گهٽ وزن واري عورت کي هيروئن بڻجي سگهي ٿي.
هن دليل ڏيندي چيو ته جهڙي طرح دنيا م هر طرح جي جسامت رکڻ واريون ڇوڪريون هونديون آهن، اهڙي طرح هر جسامت جون ناريون به هيرئون بڻجي سگهن ٿيون ۽ هو خوبصورت به لڳنديون آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here