آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته جيڪو پوليس آفيسر ڪارڪردگي نٿو ڏيکاري سگهي، اهو اهم پوسٽ جي لائق ناهي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اسٽريٽ ڪرائمز جي روڪٿام بابت اجلاس ٿيو.
ان موقعي تي غلام نبي ميمڻ چيو ته اسٽريٽ ڪرائمز خلاف آفيسرن کي واضح هدايتون ڏئي چڪا آهيون، تازا پوليسنگ قدم اثرائتا ثابت ٿي رهيا آهن، ان عمل جي مانيٽرنگ ۽ علائقن جا دورا ڪري رهيو آهيان.